امير سلطان محمد جو مقبرو

امير سلطان محمد جو مقبرو: امير سلطان محمد جي مقبري جي اڏاوت ١٥٥٦ع ڌاري ٿي آهي. امير سلطان محمد جو مقبرو، سلطان ابراھيم جي مقبري لڳ ۽ عبدلله شاهه اصحابي جي ڏکڻ ۾ مڪليءَ واري شاهي قبرستان ۾ آهي. مھاڙيءَ ۾ پٿرائون دروازو اٿس، جنھن تي پھچڻ لاءِ ٽي ڏاڪا تعمير ٿيل آھن. دروازي سان ٻنھي پاسي ڄاريدار دريون آھن. ٿلھي تي ٺھيل ھيءَ اڏاوت سڄي پيلي پٿر جي آھي. احاطي ۾ اندر ٽي قبرون آھن، جن مان ھڪ، جنھن کي وڏو تاج لڳل آھي، اھا امير سلطان جي قبر آھي. عربيءَ ۾ لکت موجود اٿس، جنھن ۾ اڏاوت جو سال ٩٦٣ هه لکيل آھي. مقبري کي ٿلھي کان مٿي چوڌاري پٿرائون واڌو وڙو چوڦير ڏنل آھي. ڇت ڪانه اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو